سرميداڻي يا آنرو

سرميداڻي يا آنرو

سرميداڻي يا آنرو

سرميداڻي يا آنرو: سرميداڻيءَ کي آنور به چوندا آهن، جنهن ۾ پيٺل سرمو وجھي رکبو آهي. اڳئين زماني ۾ اهي پتل، لوهه، ٽامي، بلور وغيره مان ٺهنديون هيون ۽ اڄڪلهه گھڻو ڪري اسٽيل ۽ شيشي جون ٺهيل سرميداڻيون عام آهن. سرميداڻيءَ جو منهن وارو حصو صراحيءَ وانگر ڊگھو هوندو آهي، جنهن ۾ لسي ڪاٺي يا سرائي ڦيري سان ڦاسائي اٽڪائي بيهاري ويندي آهي. سرمي داڻيءَ کان ڪجهه ننڍي سرمو رکڻ واري ٽول کي آنرو به چيو ويندو آهي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ گھڻو ڪري گھر گھر ۾ سرمي داڻيون توڙي آنرا استعمال ڪيا ويندا آهن، سرمي پيهڻ واري ٿانؤ کي ’ٻيڙي‘ چيو وڃي ٿو، جيڪو بناوت ۾ به ٻيڙي واري شڪل جهڙو ٿئي ٿو ۽ پٿر مان گھڙيل هوندو آهي پر گھڻو ڪري سرمو پٿر مان گھڙيل کرلن ۾ پڻ پيٺو ويندو آهي. سرمو هار ۽ سينگار جو حصو سمجھيو ويندو آهي. سنڌ جي خاص ڪري ٻهراڙين ۾ جڏهن ڪو ٻار ڄمندو آهي ته ان لاءِ سرمي داڻي يا آنرو ڌار وٺي رکيو ويندو آهي، جنهن مان صرف ان ٻار جي اکين ۾ سرمو وڌو ويندو آهي. شادين مرادين ۾ مائٽ پنهنجي ڌيئرن توڙي پٽن کي ڏاج يا سامان ۾ به سرمي داڻي يا آنرو ضرور ڏيندا آهن، جيڪو سنڌ جي پراڻي رواج ۾ شامل آهي. سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي سرمي داڻيون ٺاهيون وڃن ٿيون، پر ڏهرڪي شهر ۾ ان صنعت کي اوج مليو، اڄڪلهه سرمو گھٽ استعمال ٿيڻ سبب سرمي داڻيءَ جو استعمال به گھٽ ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو